سنڌي شاعري ۽ علم عروض

سنڌي شاعري ۽ علم عروض

سنڌي شاعري ۽ علم عروض

سنڌي شاعري ۽ علم عروض (ڪتاب): هي ڪتاب ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ جي اوائلي تصنيف ’رهنماءِ شاعري‘ جي نئين سر ترتيب ۽ تدوين تي مشتمل آهي، جيڪا غلام مصطفيٰ ’مشتاق‘ ميمڻ سر انجام ڏني آهي. ڪتاب ۾ ’رهنماءِ شاعري‘ جي ٽنهي حصن جو اختصار شامل ڪري شاعريءَ جي صنفن ۽ علم عروض بابت مفصل ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب ۾ ارڙهن باب آهن.
ڊيمي سائيز جي 380 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، پڪي بائيڊنگ ۽ رنگين سرورق سان سجايل آهي. جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊميءَ، شڪارپور پاران اپريل 2001ع ۾ ڇپايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو